ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست پنجاب جي ضلعي ترن تارن ۾ گهريلو تڪرار هڪ المناڪ واقعي ۾ تبديل ٿي ويو، جتي ناراض زال کي واپس گهر وٺي اچڻ لاءِ ساهرين ويل شخص کي سندس سالي باهه ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ عورت به سڙي فوت ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب فوتين جي سڃاڻپ لووپريت سنگهه ۽ گرجيت ڪور طور ٿي آهي. لووپريت سنگهه 13 جون تي پنهنجي زال سنديپ ڪور کي پرچائڻ ۽ واپس گهر وٺي اچڻ لاءِ ساهرين ويو هو.
گهريلو اختلافن کانپوءِ سنديپ ڪور پنهنجي والدين وٽ رهائش پذير هئي. الزام آهي ته ملاقات دوران لووپريت جي سالي سجن سنگهه مٿس باهه وارو مادو هاري باهه ڏئي ڇڏي.
ان دوران سجن سنگهه جي ڀاڄائي گرجيت ڪور لووپريت کي بچائڻ لاءِ اڳتي وڌي، پر هوءَ به باهه جي لپيٽ ۾ اچي سخت سڙي وئي. ٻنهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويا.
واقعي ۾ جوابدار سجن سنگهه به سڙي زخمي ٿيو، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.