پيٽرول اگهن ۾ لاٿ جو مهانگائي تي ڪو فرق نه پيو!

پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مهانگائي جي لهر برقرار آهي.

لاهور جي بازارن ۾ به کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ ڪا گهٽتائي نه اچي سگهي آهي.

شهري چون ٿا ته جڏهن پيٽرول مهانگو ٿيندو آهي ته هر شيءِ جي قيمت وڌي ويندي آهي، پر هاڻي جڏهن پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن ته ڪا به شيءِ سستي ناهي ٿي.

You might also like