رياض (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت
تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
سعودي عرب جي گهرو وزير عبدالعزيز بن سعود بن نائف ۽ پاڪستاني هم منصب محسن نقوي رياض ۾ هن يادداشت تي صحيحون ڪيون.
سعودي گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي قدم ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ پراڻن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو.
پاڪستان جي گهرو وزير پنهنجي دوري دوران رياض ۾ قائم ”متحد سيڪيورٽي آپريشنز سينٽر 911“ جو پڻ دورو ڪيو.
You might also like