لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي باغبانپورا ۾ تعمير هيٺ عمارت جي ڇت ڪِرڻ سبب 10 ورهين جو نينگرو فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب، فوت ٿيل ٻار جي سڃاڻپ 10 سالن جي عبدالله طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ سروسز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ريسڪيو 1122 جي ترجمان جو چوڻ آهي ته کين منجهند 12 وڳي کانپوءِ باغبانپورا مان ڇت ڪرڻ جو اطلاع مليو هو.
اطلاع ملڻ تي ريسڪيو جون ست گاڏيون ۽ امدادي اهلڪار ٿڏي تي واقعي واري هنڌ پهتا.
واقعو وومين ڪاليج روڊ جي ويجهو هڪ اڏاوت هيٺ عمارت جي ٽين ماڙ تي پيش آيو.
ياد رهي ته ان کان اڳ اڱاري جي ڏينهن لاهور جي علائقي ڪاهنه ۾ هڪ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪِرڻ سبب 14 ٻار فوت ٿي ويا هئا.