آمريڪا ۽ وچ اوڀر جي 12 ملڪن جو آبناءِ هرمز ۾ بنا رنڊڪ واپاري سرگرميون جاري رکڻ تي اتفاق

منامه (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ وچ اوڀر جي 12 ملڪن آبناءِ هرمز ۾ بنا رنڊڪ واپار جاري رکڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي اڳواڻي ۾ بحرين ۾ 12 ملڪن جي فوجي سربراهن جو علائقائي سلامتي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وچ اوڀر جي موجودا سيڪيورٽي صورتحال ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ آمريڪا، سعودي عرب، قطر، عمان سميت وچ اوڀر جي 12 ملڪن آبناءِ هرمز ۾ بلا رنڊڪ واپار کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته خطي جي سلامتي صورتحال تي غور ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.
ان موقعي تي سينٽ ڪام جي سربراهه ايڊمرل بريڊ ڪوپر چيو ته آمريڪا علائقائي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجن اتحادي ساٿين سان گڏ بيٺل آهي.
هن چيو ته آمريڪا پنهنجن علائقائي ڀائيوارن سان گڏجي وچ اوڀر ۾ دنيا جو سڀ کان جديد ۽ فعال فضائي ۽ ميزائل دفاعي نظام هلائي رهيو آهي.
اجلاس ۾ بحرين، مصر، اردن، ڪويت، لبنان، عمان، قطر، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب امارتن ۽ يمن جي اعليٰ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.

 

You might also like