بيمارين کان محفوظ، صحتمند ۽ عمر ۾ واڌ جو سولو طريقو!

خوراڪ ڪيلوريز جو مقدار محدود رکڻ ۽ رات دير سان کاڌو کائڻ کان پاسو ڪرڻ سان صحت کي فائدو پهچي ٿو، پر ان سان گڏ ڏينهن ۾ کاڌو ڪهڙي وقت کائجي، اهو به تمام اهم آهي.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

يو ٽي سائوٿ ويسٽرن ميڊيڪل سينٽر جي تحقيق مان خبر پئي آهي ته مقرر وقتن تي کاڌو کائڻ، وڌندڙ عمر سان گڏ صحت کي بهتر رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

هن تحقيق ۾ ڪوئن تي تجربا ڪيا ويا، جن کي مقرر وقتن تي کاڌو کارايو ويو.

تحقيق موجب جسم جي حياتياتي گهڙي (بايولاجيڪل ڪلاڪ) جي موجب خوراڪ کي هضم ۽ جذب ڪرڻ سان وڌندڙ عمر ۾ صحت تي هاڪاري اثر پوندا آهن.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل هڪ صدي دوران انسان جي سراسري عمر ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، پر ان باوجود اڪثر ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو ڏهه سيڪڙو کان وڌيڪ حصو مختلف بيمارين سان وڙهندي گذارين ٿا.

وڌندڙ عمر سان لاڳاپيل دائمي بيماريون ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

تحقيق مان خبر پئي ته روزاني ڪيلوريز جي مقدار گهٽائڻ سان وچولي عمر يا پوڙهائپ ۾ ٿيندڙ دائمي بيمارين، جهڙوڪ ڪينسر، دل جي بيمارين ۽ دماغي ڪمزوري، جو خطرو لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو تائين گهٽجي وڃي ٿو.

اهڙيءَ ريت، رات دير سان کاڌو کائڻ بدران شام يا رات جي شروعاتي وقت ۾ کاڌو کائڻ سان به مختلف بيمارين جو خطرو لڳ ڀڳ 35 سيڪڙو گهٽجي وڃي ٿو ۽ وقت سان گڏ صحت ۾ به بهتري اچي ٿي.

هن تحقيق ۾ 528 صحتمند ڪوئن کي شامل ڪيو ويو. سندن زندگيءَ جي پهرين اٺن هفتن دوران انهن کي جڏهن به بک لڳندي هئي، تڏهن گهڻي مقدار ۾ کاڌو ڏنو ويندو هو.

اٺ هفتا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ انهن کي ٻن گروهن ۾ ورهايو ويو. هڪ گروهه کي اڳئين طرزِ زندگي تي هلڻ ڏنو ويو، جڏهن ته ٻئي گروهه کي ڏينهن جي سموري خوراڪ رڳو 2 کان 12 ڪلاڪن جي مقرر وقت اندر کارائي وئي.

ان کانپوءِ محققن انهن ڪوئن جي سڄي حياتي دوران سندن صحت جو جائزو ورتو ۽ گڏيل صحت جو تفصيلي تجزيو ڪيو.

تحقيق مان خبر پئي ته جيڪي ڪوئا پنهنجي روزاني خوراڪ رڳو اٺن ڪلاڪن جي اندر کائيندا هئا، انهن جي عمر ۾ لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو واڌ ٿي ، جڏهن ته ٻين گروهن ۾ اهڙو فائدو نظر نه آيو.

جيتوڻيڪ، محدود وقت اندر روزاني خوراڪ کائڻ وارن ڪوئن جي گڏيل صحت ۾ نمايان بهتري آئي، جڏهن ته دائمي بيمارين ۽ ٿولهه جو خطرو پڻ گهٽجي ويو.

تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته جيڪي ڪوئا پنهنجي سموري خوراڪ 12 ڪلاڪن جي اندر کائيندا هئا، تن جي صحت ۾ به وقت سان گڏ نمايان سڌارو ڏٺو ويو.

محققن جو چوڻ هو ته انسانن لاءِ به صبح جو ناشتو ڪرڻ کان پوءِ ايندڙ 12 ڪلاڪن جي اندر ڏينهن جي سموري خوراڪ کائڻ هڪ بهترين طريقو ٿي سگهي ٿو، پر ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

هن تحقيق جا نتيجا طبي جرنل  نيچر ايجنگ ۾ ڇپيا ويا آهن.

You might also like