آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ، ڀارت جي ايشان ڪشن هم وطن اڀيشيڪ شرما کان نمبر ون پوزيشن کسي ورتي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل نئين پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ڀارتي بيٽر ايشان ڪِشن هم وطن اڀيشيڪ شرما کان نمبر هڪ پوزيشن کسي ورتي آهي، جڏهن ته ٽيسٽ بيٽنگ ۾ ٽريوس هيڊ جو راڄ آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز ريڪنگ ۾ ڀارتي بيٽر ايشان ڪشن ساٿي ڪرڪيٽر اڀيشيڪ شرما کي پوئتي ڇڏيندي ٽي ٽوئنٽي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
هو ڀارت جو چوٿون رانديگر آهي جنهن اِهو اعزاز حاصل ڪيو آهي، ان کان اڳ ويرات ڪوهلي، سوريا ڪمار يادَو ۽ اڀيشيڪ شرما نمبر ون بيٽر رهي چڪا آهن.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز ۾ آئرلينڊ خلاف سيريز ۾ بيٽ ۽ بال سان بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي شيوم دوبي ٽي درجا ترقي ڪندي ستين نمبر تي اچي ويو آهي.
ان کانسواءِ ٽريوس هيڊ ٽيسٽ بيٽرز جي رينڪنگ ۾ پهرئين نمبر تي قبضو ڄمائي ورتو آهي، جڏهن ته اڳوڻو انگلش ڪپتان ۽ سينيئر بيٽر جوءِ روٽ نيوزيلينڊ خلاف خراب ڪارڪردگيءَ سبب ٻه درجا وڃائڻ کانپوءِ ٽئين نمبر تي هليو ويو آهي، هيري بروڪ بدستور ٻئي نمبر تي موجود آهي.
ٽيسٽ بالرن جي رينڪنگ ۾ جسپريت بُمرا هڪ ڀيرو وري پهرئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڪيوي فاسٽ بالر ميٽ هينري انجري سبب ٽرنٽ برج ٽيسٽ نه کيڏڻ سبب ٻئين نمبر تي هليو ويو آهي.
بين اسٽوڪس پنهنجي ڪيريئر جي پڄاڻي ٽيسٽ آل رائونڊرز ۾ ٽئين نمبر تي ڪئي.

 

You might also like