اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر عماد وسيم ۽ سندس اڳوڻي گهرواري ثانيه اشفاق جي مبينا آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪرڪيٽر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڪجهه عرصو اڳ ثانيه اشفاق ڪرڪيٽر مٿان بدسلوڪي، ذهني دٻاءُ ۽ ٻارن کان لاڳاپو نه رکڻ جهڙا سنگين الزام هنيا هئا، جنهن کانپوءِ عماد وسيم اڳوڻي گهرواري کي خبردار ڪيو هو ته هو ان معاملي ۾ سندس موجوده گهرواري نائلا راجا کي وچ ۾ نه آڻي.
هاڻ عماد وسيم ۽ ثانيه اشفاق جي مبينا ليڪ ٿيل آڊيو سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
هن مبينا آڊيو رڪارڊنگ ۾ عماد وسيم، ثانيه اشفاق، گهرڀاتين ۽ پوليس جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ٻڌي سگهجي ٿي.
هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته هن آڊيو بابت ٻنهي شخصيتن اڃا تائين تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي.
هن وائرل آڊيو ۾ مبينا طور تي ثانيه اشفاق پنهنجي ٻارن جي خاطر عماد وسيم کان رشتو بچائڻ جي درخواست ڪندي ٻڌي سگهجي ٿي، ان کانسواءِ ٻارن جي روئڻ جا آواز به ٻڌي سگهجن ٿا.
آڊيو ۾ مبينا طور تي عماد وسيم ۽ ثانيه اشفاق ٻارن جي ڪسٽڊي بابت گفتگو ڪندي ٻڌي سگهجن ٿا، جڏهن ته ثانيه کي اِهو چوندي به ٻڌي سگهجي ٿو ته ”مان لنڊن مان پنهنجو رشتو بچائڻ آئي آهيان، مان اڪيلي 3 ٻارن جي ڪفالت ڪيئن ڪنديس؟“
آڊيو منظر عام تي اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن ثانيه اشفاق سان همدردي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
هن معاملي تي مختلف ردِعمل به سامهون آيا آهن،
اداڪارا ارمينا رانا خان تبصرو ڪندي چيو ته اهڙن مردن کي ڪڏهن به ڪنهن عورت جو ساٿ نصيب نه ٿئي.
حرا سومرو لکيو ته ” آخر اڪثر مرد ائين ڇو ڪندا آهن؟“
سوشل ميڊيا تي هڪ واهپيدار لکيو ته هي آڊيو ٻڌي منهنجو دل ٽٽي پئي ۽ منهنجين اکين ۾ لڙڪ اچي ويا آهن.