نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) هيڪرن ڀارتي نيوز چينلز کي هيڪ ڪري صدر جي تقرير دوران پاڪستان جو قومي ترانو نشر ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اڻڄاتل هيڪرن ڀارتي نيوز چينلز ”ٽي وي 9 تيلگو“ ۽ ”فريڊم ٽي وي ڪنڙ“کي هيڪ ڪري انهن جي نشرياتي نظام تائين پهچ حاصل ڪئي.
هيڪرن ڀارتي صدر جي تقرير دوران ”ٽي وي 9 تيلگو“ تي پاڪستان جو قومي ترانو نشر ڪيو، جڏهن ته ان دوران هڪ پيغام پڻ هلايو ويو، جنهن ۾ هيڪرن جي طرفان خبردار ڪيو ويو ته پاڪستان سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي.