اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسڪول جي اسٽيشنريءَ تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کانپوءِ والدين جي پريشاني وڌي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جي ڪيترين ئي اسٽيشنري شين تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو ويو آهي.
نئين مالي سال 2026-27 جي شروعات سان گڏ ئي حڪومت جا نوان ٽيڪس قدم به لاڳو ٿي ويا آهن.
نئين فنانس بل تحت پينسل، قلم، جاميٽري باڪس، شاپنر، ايڪسرسائز بُڪ، اسڪول گلو، رائيٽنگ پيڊ ۽ ڪلر پينسل سميت اسٽيشنريءَ جي ڪيترين ئي شين تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري مهانگائي سٽيل والدين پنهنجي پريشانيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن.