فيس بوڪ تان ڪيئن ڪمائجي؟ اصل ۽ سولو طريقو!

ميٽا جي تازي پاليسين کانپوءِ فيس بوڪ رڳو رابطن ۽ وندر وارو ھنڌ نھ رھيو آھي پر اھو ڪمائي جو ذريعو بھ بڻجي ويو آھي، دنيا ۾ لکين ماڻھو اڳواٽ ئي فيس بوڪ ذريعي ڪمائي ڪري رھيا ھئا ھاڻي پاڪستان ۾ بھ ھزارين ماڻھو ان ذريعي چڱو ڀلو ناڻو ڪمائي رھيا آھن.

سڀ کان پھرين اھو ڄاڻڻو پوندو تھ فيس بوڪ تي آمدني جا ڪيترائي ذريعا آھن، جن ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تان سبسڪرپشن، اسٽارز، رِيل ايڊز، ڪنٽينٽ مونيٽائيزيشن، افيليئيٽ مارڪيٽنگ، برانڊ اسپانسرشپ ۽ پنھنجي شين توڙي خدمتن جي وڪري جا طريقا شامل آھن. ميٽا جي مقرر گھرجن تي پورو لھڻ کانپوءِ مونيٽائيزيشن جا آپشن آھستي آھستي فعال ٿيندا ويندا.

فيس بوڪ تان ڪمائڻ لاءِ ميٽا جي مونيٽائيزيشن جي پاليسين تي عمل ڪرڻ انتھائي ضروري ھوندو آھي، ٻين جون وڊيوز يا ڪاپي رائيٽ وارو مواد استعمال ڪرڻ سان نھ رڳو ڪمائي جا موقعا ختم ٿي سگھن ٿا پر پيج خلاف ڪارروائي بھ ٿي سگھي ٿي، اھو تھ طئي آھي تھ مواد کي دلچسپ بڻائڻ، وڊيوز جي سُٺي ايڊنٽنگ ڪرڻ، ڏسندڙن سان رابطي ۾ رھڻ سان ئي پيج کي واڌ ويجھھ ملندي.

جيڪڏھن توھان واقعي بھ فيس بوڪ ذريعي ڪمائڻ لاءِ سنجيدا آھيو تھ سڀ کان پھريون اوھان سنجيدگي سان ان مواد جي چونڊ ڪرڻي پوندي جيڪو اوھان رکي ڪري ڪمائي سگھو، جنھن کي نيچ (NICHE)مطلب موضوع چيو وڃي ٿو اھو پھريون قدم فيس بوڪ سميت ڪنھن بھ ڊجيٽل ڪمائي لاءِ انتھائي ڪارائتو ثابت ٿيندو آھي.

موضوع مطلب خبرون، تعليم، زراعت، کاڌا، صحت، ٽيڪنالاجي وغيرھ ڪھڙو بھ ٿي سگھي ٿو. اوھانکي اھڙي موضوع جي چونڊ ڪرڻ گھرجي جنھن لاءِ باقاعدي ۽ اصل مواد سولائيءَ سان تيار ڪري سگھو.

ڄاڻايل سڀ موضوع انتھائي وسيع آھن، مثال جيڪڏھن اوھان خبرن ذريعي ڪمائڻ چاھيو ٿا تھ ان موضوع ۾ بھ ڪيتريون ئي سب نيچز اچي وينديون، اوھان کي ڏسڻو پوندو تھ اوھان جي مھارت يا پھچ ڪھڙي خبر تائين ٿي سگھي ٿي، شوبز، اسپورٽس، پوليٽيڪل، واقعاتي وغيرھ. اھڙي ريت سڀني موضوعن جون سب نيچز ٿين ٿيون توھان کي ڪنھن بھ ھڪ تي ڪم ڪرڻ سان فيس بوڪ جو الگورٿم سولائيءَ سان توھان جي ڪم کي سڃاڻي ۽ اڳتي وڌائڻ واري ڪم تي لڳي ويندو.

پنھنجي موضوع بابت لڳاتار ۽ اصل مواد جيڪو وڊيوز، ريلز ۽ پوسٽس جي صورت ۾ ھجي اپلوڊ ڪندا رھو، ڇو تھ باقاعدگي ۽ اصل مواد ڪاميابي جا اھم شرط آھن.

فيس بوڪ تان ڪمائي جي ڪا مقرر رقم ناھي، ان جو سڄو دارو مدار ڪنٽينٽ جي معيار، ڏسندڙن جي انگ، انھن جي ملڪ، وڊيوز ڏسڻ جي وقت ۽ ميٽا جي ھاڻوڪي پاليسين تي ڀاڙڻ آھي. مستقل مزاجي، اصل مواد ۽ پاليسين تي عمل ڪرڻ سان فيس بوڪ تان سولائيءَ سان ڪمائي سگھجي ٿو.

You might also like