عمان آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن تي ٽرانزٽ فيس جي مخالفت ڪري ڇڏي

مسقط(ويب ڊيسل)عماني پرڏيهي وزير هڪ انٽرويو دوران چيو آهي ته عمان آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن تي ٽرانزٽ فيس لاڳو ڪرڻ جي حمايت نٿو ڪري.

هن چيو ته جيتوڻيڪ سامونڊي، ماحولياتي ۽ نيويگيشن جون خدمتون مهيا ڪرڻ جي عيوض رضاڪاراڻي ادائيگي بابت ڳالهين لاءِ عمان تيار آهي.

واضح رهي ته تازو عمان ۽ ايران جي گڏيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن دوران ايران جي نائب پرڏيهي وزير چيو هو ته عمان به آبناءِ هرمز جي انتظامن ۾ شموليت جي حمايت ڪري ٿو. ايراني پرڏيهي وزير موجب عمان جو اهو به موقف آهي ته مهيا ڪيل خدمتن جي بدلي مناسب فيس وصول ڪئي وڃي.

You might also like