گڏيل عرب امايرتن پنهنجي شهرين تي لبنان سفر جي پابندي ختم ڪري ڇڏي

گڏيل عرب امارتن پنهنجي شهرين لاءِ لبنان وڃڻ تي لڳايل سفري پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.

اماراتي پرڏيهي وزارت موجب لبنان ويندڙ شهرين کي روانگي کان اڳ وزارت پرڏيهي سان رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي هوندي.

واضح رهي ته آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي جنگ دوران سيڪيورٽي خدشن سبب امارات لبنان، ايران ۽ عراق جي سفر تي پابندي لڳائي هئي، جڏهن ته هاڻي تهران ۽ دبئي وچ ۾ پروازون به بحال ڪيون ويون آهن.

You might also like