اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن لميٽيڊ (پِي آءِ اَي سِي ايل) جي نجڪاري جو پهريون مالي مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ايئر لائن جو انتظامي ڪنٽرول سيڙپڪار ڪنسورشيم جي حوالي ڪيو ويو آهي.
نجڪاري واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نجڪاري ڪميشن اڄ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن لميٽيڊ جي نجڪاري تحت شيئرز جي وڪري جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي.
شيئر خريداري ۽ سبسڪرپشن معاهدي جون سڀ اڳواٽ شرطون پوريون ٿيڻ کانپوءِ ايئر لائن جو انتظامي ڪنٽرول عارف حبيب ڪارپوريشن لميٽيڊ جي سربراهيءَ ۾ سيڙپڪار ڪنسورشيم کي منتقل ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ ان قدم کي حڪومت جي معاشي سڌارن واري پروگرام ۾ هڪ اهم ڪاميابي قرار ڏنو ويو آهي.
بيان موجب، معاهدي تي صحيحن کانپوءِ دفاع واري وزارت سميت ٻين ڌرين ڪيتريون ئي پيچيده شرطون مڪمل ڪيون، جن ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي ريگيوليٽري منظوري، ٽيڪس سان لاڳاپيل معاملا، جهازن جي مالي مدد وارا انتظام ۽ سيڙپڪار ڪنسورشيم پاران ڏيتي ليتي جي تحفظ جي فراهمي شامل هئي.
نجڪاري واري وزارت جي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي سمورا قدم انتهائي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪيا ويا، جڏهن ته ايئر لائن جون اڏامون، واپاري لاڳاپا ۽ سروسز بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رکيون ويون.
واضح رهي ته نجڪاري لاءِ ٻوليءَ جو عمل ڊسمبر 2025 ۾ ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنسورشيم 180 ارب رپين جي سيڙپڪاريءَ جو واعدو ڪيو.
ان مان 55 ارب رپيا حڪومت کي پي آءِ اي سي ايل جي وڪري جي عيوض ادا ڪيا ويندا، جڏهن ته 125 ارب رپيا ايئر لائن جي بهتري ۽ بحاليءَ لاءِ استعمال ڪيا ويندا.
نجڪاري واري وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪنسورشيم 10 ارب رپيا حڪومت کي ادا ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 80 ارب رپيا ايئر لائن ۾ نئين سيڙپڪاري طور شامل ڪيا ويا آهن، جنهن جو مقصد ايئر لائن جو مالي استحڪام، ٻيڙي جي واڌ، روٽس ۾ واڌ ۽ سروس جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي تحت ٻيو مالي مرحلو ايندڙ 12 مهينن دوران مڪمل ڪيو ويندو، جنهن ۾ وڌيڪ 45 ارب رپين جي سيڙپڪاري شامل آهي.