اڊيالا جيل منتقلي دوران 14 قيدي پوليس اهلڪارن جي اکين ۾ مرچ وجهي ڀڄي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڪهوٽا ۾ جيل منتقليءَ دوران قيدي وين مان 14 قيدي فرار ٿي ويا.
پوليس ذريعن موجب، عدالت پيشيءَ بعد قيدين کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته قيدي وين کي چيڪنگ لاءِ روڪيو ويو، ان دوران هڪ قيدي پوليس اهلڪارن جي اکين ۾ مرچ اُڇلائي ڇڏيا.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪهوٽا پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ فرار ٿيندڙن مان 4 قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪهوٽا جا اچ وڃ وارا رستا سيل ڪيا ويا آهن ۽ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته فرار قيدين جي گرفتاري لاءِ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي راولپنڊي پوليس تصديق ڪئي آهي ته فرار قيدين مان 4 قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته فرار ٿيندڙ ٻين قيدين جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like