سنڌو درياهه تي ڌاڙي، 28هين ترميم ۽ ڪرپشن خلاف قومي عوامي تحريڪ جا مظاهرا، ريليون

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ذوالفقار آباد، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان 19ھين ڏينھن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف شھرن ۾ ريليون، مظاھرا، مارچ ڪيا ويا، حيدرآباد تعلقي قاسم آباد ۾ ھنڊا پيلس، ماروي ٽائون ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پنڌ مارچ ڪيو ويو جنھن پيادل مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نذير بليدي، نور حسن جمالي ۽ ٻين ڪئي، ھوڏانھن ميرپور خاص ۾ قومي عوامي تحريڪ جو وفد ڳوٺ فقير غلام علي لغاري پھتو، جتي ڪارنر گڏجاڻي ڪئي وئي، جنھن کي انور نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، شوڪت نوحاڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف نئون ڪوٽ ڀرسان گلن واري موري وٽ سجاڳ ٻار تحريڪ جي سڏ تي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي سرويچ اوٺو، راجيش ڪمار، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي ٿرپارڪر جي صدر وجي ساگر، محبت خاصخيلي ۽ ٻين ڪئي، ٻئي طرف ڊگھڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي ميرپور خاص جي صدر مقصود ڀرڳڙي، بابو نوحاڻي ۽ شوڪت نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ آفيس کان ڪامريڊ جاويد جمالي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن کي سنڌ جي زمين ۽ وسيلا گھرجن، عوام نه گھرجي، سنڌي ماڻھن جي پيرن ھيٺان زمين ڪڍي پئي وڃي، وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، درياھ تي ڌاڙا ھڻي پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي، پئٽرول جون قيمتون گھٽجڻ باوجود مھانگائي ته ڪنٽرول ناھي ٿيو، عام ماڻھو ٻه ويلا ماني لاءِ به پريشان آهي، پاڻي کوٽ جي ڪري سنڌ جي زراعت تباھي جو شڪار آھي، بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آھي، ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ عوام کي پاڻ ۾ ويڙهايو پيو وڃي، اڳواڻن چيو ته قدرت سنڌ کي نعمتن سان نوازيو آھي پر حڪمرانن ڪرپشن ڪري بنيادي حقن کان محروم ڪيو آھي، پاڻي، زمين، گئس، بجلي، تيل، جبلن ۽ بندرگاهن سميت اهم وسيلن تي ڌارين کي اختيار ڏنا ويا آھن، نفرتن ۽ فرقن کان مٿانهون ٿي متحد، منظم ۽ مضبوط بڻجن ۽ پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ قومي حقن جي تحفظ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نياڻيون قتل ۽ اغوا ٿي رھيون آھن پريا ڪماري ۽ اجالا سولنگي کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي، شنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪومتي ماڻھو کنيو وڃن جيڪي آبادگار حڪومتي جماعت جا ناھن، انھن جون زمينون بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن، خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي.

You might also like