وفاق ۾ پ پ نه متحده حڪومت ۾ آهي، سنڌ لاءِ آواز ته اٿاريو:مراد علي شاهه

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  هن اسمبليءَ ۾ اپوزيشن جي معزز ميمبرن کي برابريءَ جو بهترين موقعو ملي ٿوان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو حق کپي؟ شڪر ڪريو ته ڪٿي ٻي جاءِ تي ناهيو،سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن ايم ڪيو ايم کي مخاطب ٿيندي چيو ته وفاقي حڪومت ۾ اوهان آهيو،پ پ ناهي،وفاق جو حصو ناهيون پر سپورٽ ڪريون ٿا،هن چيو ته ايگزيڪٽو فيصلا صدر،گورنر ۽ اسپيڪر ناهن ڪندا،هن چيو ته صدر ۽ سينيٽ چيئرمين پ پ جا آهن،حڪومت ۾ ناهن،هن چيو ته اوهان کي استعيفيٰ لاءِ نٿا چئون،بس سنڌ لاءِ آواز اٿاريو،اوهان وفاق ۾ آهيو،سنڌ لاءِ آواز ته اٿاريو،اوهان استعيفيٰ نه ڏيو،ان بنا اوهان جو گذارو ناهي،اوهان هر حڪومت ۾ هوندا آهيو،وڙهي الڳ ٿيندا آهيو،هن چيو ته  مون چيو هو ته هڪ ميمبر تقرير ڪئي هئي، مون کي اها تقرير ڏاڍي پسند آئي هئي ته سنڌ مان نه نڪرن، هن پيار محبت جي ڌرتيءَ مان نڪري پنجاب ۾ ته ڪوشش ڪن، الائي ڪيترا ماڻهو پنجاب ۾ هيل تائين اچي چڪا آهن.سنڌ اهو صوبو آهي جتي هن وقت اسمبليءَ ۾ پاڪستان جي هر زبان ڳالهائيندڙ ماڻهو موجود آهي. ڪا به ٻي اسمبلي اهو دعويٰ نٿي ڪري سگهي. اها صرف هن اسمبليءَ جي خاصيت ناهي، پر سنڌ صوبي جي خاصيت آهي ته جتي ڪجهه سئو سال اڳ منهنجا وڏا سعودي عرب مان آيا هئا ۽ هن صوبي ايتري عزت ڏني، هن جي مٽيءَ ۽ هن جي ماڻهن ايتري عزت ڏني جو اڄ مان وڏو وزير آهيان،هن چيو ته هي رڪارڊ آهي ته 143 ميمبرن تقريرون ڪيون آهن. ڪنهن کي روڪيو ويو؟ توهان سڀني کي پورو موقعو ڏنو ويو، هن چيو ته  ڪلهه هڪ ڳالهه ڪئي وئي هئي ته جي شروعات ڪٿان ٿي؟ هلو، شروعات جي مان ان بحث ۾ نٿو پوڻ چاهيان، منهنجو خيال آهي ته شروعات هتان نه پر ان پاسي کان ٿي هئي، مان اهو ٻڌائي سگهان ٿو پر مان ان چڪر ۾ نٿو پوڻ چاهيان. پر ڇا توهان عقل جا انڌا آهيو ته جيڪڏهن ڪو غلط ڳالهه ڪري ٿو ته توهان ان تي تيل ٻرڪيو؟ ۽ جيڪي ڳالهيون ٿيون، وڌيڪ سخت ۽ وڌيڪ تلخ ڪٿان ٿيون، اها سڀني کي خبر آهي،هن چيو ته توهان ياد رکو ته جڏهن توهان آيا ته صرف سنڌ ڌرتيءَ توهان کي قبول ڪيو، ٻي ڪنهن جاءِ تان قبوليت نه هئي، اهي حقيقتون آهن، توهان کي مان ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته هي اسيمبلي سڀني کان وڌيڪ آزاد آهي، ان جي مقابلي ۾ بلوچستان اسمبلي ۾  39 سيڪڙو ماڻهن ڳالهايو.خيبر پختونخوا ۾ 44 سيڪڙو پنجاب اسمبلي ۾: 56 سيڪڙو ماڻهن ڳالهايو.قومي اسيمبلي ۾ 60 کان 65 سيڪڙو جي وچ ۾ ماڻهن ڳالهايو توهان پوزيشن ڏسو، اسان وٽ 88 سيڪڙو آهي. هن چيو ته  وفاق طرفان واعدو ڪيو ويو ته اسان کي ڪل 2095 ارب رپيا ملندا اسان کي جون جي شروعات ۾ وري چيو ته "نه ڀائي، اسان هاڻي توهان کي 1926 ارب رپيا ڏينداسين، 2095 ارب نه ڏينداسين،هن چيو ته  اڄ جي تاريخ تائين اسان کي مليا آهن 1750 ارب رپيا جيڪو هن وقت بجيٽ ڪاٿي کان شارٽ فال آهي، اهو 344 ارب رپيا آهي. اڄ 30 جون تي پئسا ايندا، اهي ڪيترا اچن ٿا؟ هن چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اسان جا قرض گهٽ آهن، پوليس 5.84، 5.6، 6.3 يا 6.4 ارب رپيا آئوٽ سائيڊ بجيٽ ڏنا ويا. ڪهڙي ضرورت پيش آئي؟ ڪچي جو آپريشن هو، هن چيو ته گذريل سال 3.5 ملين ٽن ڪڻڪ ٿي هئي اسان 43.2 ارب رپين  جي ويٽ گروٿ سبسڊي ڏني هاڻي اسان کي ڪٿان ڪڻڪ گهرائڻ جي ضرورت نه پوندي،هن چيو ته پوءِ توهان ڏٺو هي جنگ اچي وئي، جنگ ۾ وفاقي سرڪار ڪفايت شعاري پروگرام شروع ڪيو،موٽرسائيڪل سوارن کي فيول سبسڊي ڏني،هن چيو ته حيدرآباد سکر موٽر وي لاءِ اسان 4.88 ارب  جي برج فائنانسنگ ڪئي. هن چيو ته گل پلازا وارو سانحو ٿيو، ان جي رپورٽ جي ڳالهه ٿي آهي، اسان رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي، ڪو ان تي ايشو ناهي. رپورٽ جي اندر جتي غلطيون آهن ته هڪ ايترو وڏو سانحو ٿيو آهي ته غلطي ته ڪٿي نه ڪٿي هوندي نا؟ ان کي ضرور سزا ملڻي کپي ۽ اسان کي بهتري ڪرڻي کپي. معاوضي  لاءِ 8.45 ارب رپيا ڏنا ويا.هن چيو ته وفاق پاران گهٽ فنڊ ملڻ باوجود هن سال اسان جي ترقياتي بجيٽ تمام گهڻي آهي،، گذريل سال 626 ارب رپيا هو، هن سال اهو 800 کان ڪراس ڪندو،هن چيو ته انهن مسئلن باوجود سنڌ حڪومت هي سڀ ڪجهه ڪيو ۽ هتي ڳالهه ٿيندي ته جي "ڇا ڪيو آهي ۽ نظر نٿو اچي؟” مان ڪهڙو چشمو آڻيان؟ چشمو ناهي کپندو ڏسڻ لاءِ، نيت کپندي آهي ڏسڻ لاءِ، ته صحيح شيءِ به نظر اچي، هن چيو ته تنقيد ٿيڻ کپي، هن چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾  وزيراعظم چيو  ته  سنڌ  حڪومت جي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ٽيم کي آڻيو ته جيئن اهي باقي صوبن کي ۽ وفاق کي ٻڌائين ته ڪم ڪيئن ٿيندو آهي،هن چيو ته اسان جون 1000 کان وڌيڪ اسڪيمون مڪمل ٿيون آهن،هن چيو ته چيو ويو ته مصطفيٰ ڪمال 300 ارب رپيا خرچ ڪيا،مون ڳولا ڪئي ته مون کي رڳو 33 ارب رپين جا منصوبا مليا،مصطفيٰ ڪمال کي وفاق سپورٽ ڪيو هو،پر هاڻي وفاق سپورٽ نه پيو ڪري،هن چيو ته هڪ صاحب 62 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو،پر 62 پئسا به نه مليا،هڪ ٻئي صاحب 1100 ارب رپين جي پئڪيج جو اعلان ڪيو پر 11 رپيا به نه ڏنا،هن چيو ته هن وقت وفاقي حڪومت ڪي فور ۽ سائيٽ جي ڪجهه روڊن جي مشڪل سان سپورٽ ڪري رهي آهي،هن چيو ته سنڌ ۾ گرينائٽ جا ذخيرا 500 ارب ڊالرن جا آهن پر اهي رڳو ڪاغذن ۾ آهن،هن چيو ته ڪراچي لاءِ 1700 ارب رپين جي منصوبن جي ڳالهه تي قائم آهيان،ٿر ۾ 100 يونٽ بجلي جو بل سنڌ حڪومت ادا ڪندي آهي،هن چيو ته ايس آءِ يو ٽي کي 26 ارب رپين کان وڌيڪ ڏئي رهيا آهيون،اين آءِ سي وي ڊي پيڊزڪارڊيو هن سال مڪمل ٿي ويندو،هن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جو چار سال پراڻو مسئلو اٿاري ٽپا ڏنا ويا،ڪروڙين رپين جي ڪميشن جو الزام هنيو ويو،مان چوان  ٿو ثبوت آڻيو،سنڌ پيپلز هائوسنگ صحبت پور بلوچستان ۾ 2 ارب رپين جا گهر بڻائي رهي آهي،هن چيو ته رحيم يار خان،ڪوٽ ادو،ڀيرا ۽ گجر خان پنجاب ۾ ايس آءِ يو ٽي اسپتالون بڻائي رهيا آهيون،ڊيرا اسماعيل خان ڪي پي ۾ ايس آءِ يو ٽي اسپتال ٺاهي رهيا آهيون،ملتان ۾ آءِ ٽي پارڪ ٺاهي رهيا آهيون،اتان جا مقامي ماڻهو چون ٿا ته سنڌ اسان جي صوبن ۾ اچي ڪم ڪري،هن چيو ته موقعو مليو ته ڪڏهن ٻڌائيندس ته صوبي جي حقن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون ڏکيائيون کنيون آهن،حڪمران ڌر پاران ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه ٿي آهي ته مان معذرت ڪريان ٿو،هن چيو ته اپوزيشن کي به گذارش آهي ته پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ جو ڪردار تسليم ڪري،

You might also like