ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا، ڳائڻي ۽ ڊانسر نورا فتحي فٽبال جي مداحن لاءِ پنهنجو نئون ترانو “The Victory Anthem: Champions” جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نورا فتحي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي هن گاني جي رليز جو اعلان ڪيو.
ميوزڪ وڊيو ۾ هوءَ فٽبال جرسي پائي مداحن سان گڏ جوش ڀريو ناچ ڪندي نظر اچي ٿي، جڏهن ته وڊيو ۾ فٽبال جي جذبي ۽ جوش کي نمايان انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
گاني جي رليز کان پوءِ مداحن ۽ شوبز شخصيتن هن نئين پيشڪش کي ساراهيندي چيو ته هي راندين جي شوقينن لاءِ هڪ پرجوش تحفو آهي.
هي گانو ان عالمي شهرت کان پوءِ آيو آهي، جيڪا نورا فتحي کي ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ سنجيئو ديب سان گڏ پيش ڪيل آفيشل گيت “Siir Siir” سان ملي هئي.
نورا فتحي ۽ بنگلاديشي نسل جي آمريڪي موسيقار، ڊي جي ۽ پروڊيوسر سنجيئو ديب ٻيهر ”چيمپئنز“ ذريعي موسيقي جي ميدان ۾ گڏيل سهڪار ڪيو آهي.
واضح رهي ته نورا فتحي ماضي ۾ به فٽبال ورلڊ ڪپ دوران پنهنجي اباڻي ملڪ مراڪش جي ڀرپور حمايت ڪندي رهي آهي.