رانديڪن ٺاهيندڙ دنيا جي مشهور ڪمپني ليگو هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڪمپني سويڊن جي مشهور برانڊ ڪوئنيگسيگ (Koenigsegg) جي مشهور اسپورٽس ڪار جو بلڪل اصل جهڙو ۽ هو بهو ماڊل تيار ڪيو آهي.
ٻارن جي راند لاءِ استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ جي ليگو بلاڪن سان تيار ڪيل هن انوکي ڪار نه رڳو سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، پر روڊ تي ڊوڙي دنيا جي تيز ترين ليگو ڪار جو نئون عالمي رڪارڊ پڻ قائم ڪيو آهي.
برطانيا جي مشهور گڊووڊ ريسنگ سرڪٽ تي ڪوئنيگسيگ جي سرڪاري ٽيسٽ ڊرائيور مارڪس لنڊ جڏهن هن پلاسٽڪ جي ڪار هلائي ته اها 111 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تائين پهچي وئي.
ان کان اڳ ڪنهن به ليگو ڪار جي وڌ ۾ وڌ رفتار جو عالمي رڪارڊ صرف 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هو، جنهن کي هن نئين ڪار ٻه ڀيرا کان به وڌيڪ فرق سان ٽوڙي ڇڏيو.
ليگو جي ماهر ڊزائنرن جي هڪ ٽيم لڳ ڀڳ ساڍا ست مهينا مسلسل محنت ڪئي، جڏهن ته هن ڪار کي تيار ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 9 هزار 400 ڪلاڪ لڳا. هيءَ ڪار هلندي بلڪل هڪ حقيقي ۽ مهانگي اسپورٽس ڪار جهڙي نظر اچي ٿي.
هن ڪار جو ڪُل وزن 1,800 ڪلوگرام آهي، جنهن مان 400 ڪلوگرام صرف پلاسٽڪ جي ليگو بلاڪن جو وزن آهي. اصل ڪار جي ابتڙ، هن ليگو ڪار ۾ هڪ ننڍڙو پر طاقتور برقي موٽر لڳايو ويو آهي، جيڪو ان کي هلائڻ جي قوت فراهم ڪري ٿو.