گوگل پنهنجي ڪروم ويب برائوزر لاءِ نئون ۽ وڌيڪ سُڌريل پاڻمرادو فارم ڀرڻ وارو فيچر متعارف ڪرايو آهي، جيڪو اينڊرائيڊ ۽ آئي او ايس استعمال ڪندڙن لاءِ جاري ڪيو ويو آهي.
هن فيچر جي مدد سان موبائل تي ڪروم استعمال ڪندڙ ماڻهو روزاني جا آن لائن ڪم وڌيڪ سولائي، تيزي ۽ سهولت سان مڪمل ڪري سگهندا.
هن نئين واڌاري سان فلائيٽن بابت ڄاڻ ڏسڻ ۽ آن لائن فارم ڀرڻ وقت واهپيدار جو گهڻو وقت بچندو.
ان مقصد لاءِ گوگل والٽ کي ڪروم سان وڌيڪ مضبوط نموني ڳنڍيو ويو آهي، جيئن ڪروم سڌو گوگل والٽ مان گهربل ڄاڻ وٺي فارم پاڻمرادو ڀري سگهي.
ان ۾ ڊرائيونگ لائسنس، پاسپورٽ ۽ ٻين سڃاڻپ وارن نمبرن سميت اهم معلومات شامل هوندي. اهڙيءَ ريت فارم ڀرڻ دوران واهپيدارن کي اهي تفصيل هر ڀيري هٿ سان لکڻ جي ضرورت نه رهندي.
گوگل جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اها ڄاڻ اڳ ۾ گوگل والٽ ۾ محفوظ نه هوندي ته واهپيدار ان کي سولائي سان شامل به ڪري سگهندا.
ڪروم ان لاءِ هڪ الڳ سهولت به ڏيندو، جنهن سان ايندڙ وقت ۾ آن لائن فارم ڀرڻ وڌيڪ سولو ۽ تيز ٿي ويندو.
اهڙيءَ طرح ڊيسڪ ٽاپ سان گڏ موبائل ڊوائيسن تي به پاڻمرادو فارم ڀرڻ جي سهولت اڳ کان وڌيڪ بهتر ۽ ڪارائتي بڻجي ويندي.
ڪمپني واضح ڪيو آهي ته واهپيدارن کي پنهنجي ذاتي معلومات تي مڪمل اختيار حاصل رهندو ۽ ڪروم ڪنهن به معلومات کي رڳو تڏهن محفوظ ڪندو يا استعمال ڪندو، جڏهن واهپيدار ان جي واضح اجازت ڏيندو.
حساس ڄاڻ کي مضبوط ڳجهي حفاظتي نظام (اينڪرپشن) ذريعي محفوظ رکيو ويندو، جيئن ڪنهن به غير لاڳاپيل شخص کي ان تائين پهچ حاصل نه ٿي سگهي.
واهپيدار ڪنهن به وقت پنهنجي محفوظ ڪيل ڄاڻ ڏسي، ان ۾ تبديلي آڻي يا ان کي نئين ڄاڻ سان تازو ڪري سگهندا.