ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ شاهين آفريدي ۽ حسن علي ڊراپ، 4 فاسٽ بالرن جا نالا فائنل ٿي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ دوري لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مئنيجمينٽ ۽ سليڪشن ڪميٽيءَ چئن فاسٽ بالرن ۽ هڪ فاسٽ بالنگ آل رائونڊر کي چونڊڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي.
فاسٽ بالرز ۾ محمد علي، محمد عباس، خرم شهزاد ۽ عبيد شاهه شامل آهن، جڏهن ته آل رائونڊر طور عامر جمال جو نالو شامل ڪيو ويو آهي.
بنگلاديش جي دوري ۾ حصو وٺندڙ شاهين شاهه آفريدي، حسن علي ۽ حماد بٽ کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
عبيد شاهه، قومي فاسٽ بالر نسيم شاهه جو ڀاءُ آهي، هو پهريون ڀيرو پاڪستاني ٽيم لاءِ چونڊيو ويو آهي، هن 16 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 72 وڪيٽون ورتيون آهن.
محمد عباس هن اسڪواڊ جو سڀ کان تجربيڪار بالر آهي، جنهن 29 ٽيسٽن ۾ 110 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن.
محمد علي جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي. خرم شهزاد کي چوٿين مستند فاسٽ بالر طور شامل ڪيو ويو آهي، جنهن 7 ٽيسٽن ۾ 28 آئوٽ ڪيا آهن.
آل رائونڊر عامر جمال، جنوري 2025 کان پوءِ ٽيم ۾ واپس آيو آهي،هن پاڪستان لاءِ 8 ٽيسٽن ۾ 352 رنسون ٺاهڻ سان گڏ 21 وڪيٽون پڻ ورتيون آهن.

 

You might also like