تهران (ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آبناءَ هرمز ۾ سامونڊي اچ وڃ جي بحاليءَ ۾ ڪنهن ٻئي ڌر جي مداخلت معاملن کي وڌيڪ پيچيده بڻائيندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پنهنجي عراقي هم منصب سان ملاقات دوران عباس عراقچي چيو ته آبناءِ هرمز ۾ سامونڊي ٽريفڪ بحال ڪرڻ جي ذميواري رڳو تهران جي آهي.
هن چيو ته هي جنگ سڄي خطي لاءِ نقصانڪار آهي ۽ خطي کي محفوظ رکڻ لاءِ سڀني ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
هن واضح ڪيو ته اسرائيل جو لبنان مان نيڪالي ۽ اتي حملن جي روڪٿام آمريڪا سان عارضي معاهدي جو لازمي حصو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران خليجي سلامتي بابت عراق سميت عرب نار ملڪن سان ڳالهين جي فريم ورڪ جي آجيان ڪري ٿو.
ٻئي پاسي عراقي پرڏيهي وزير چيو ته ايراني هم منصب سان ملاقات ۾ آبناءِ هرمز کولڻ ۽ سامونڊي ناڪا بندي ختم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو.
هن چيو ته اسان نار ۾ جنگ جي دائري کي وڌائڻ جي حمايت نٿا ڪريون ۽ ايران تي حملن جي به مخالفت ڪريون ٿا.