پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ٻوري بند لاشن جو دور واپس نه اچڻ ڏينداسين: گهرو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن جي ٻارن لاءِ ڊرگ ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٻڌايو ته حڪومت تعليمي ادارن جي ٻارن جي ڊرگ ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اڳ ۾ تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ٽيسٽ نه ٿيڻ تي تنقيد ڪئي وئي هئي، پر هاڻي ان جي سخت ضرورت آهي.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڪجهه ماڻهو ڊرگ ٽيسٽ کي منفي رنگ ڏئي چون ٿا ته ان سان ٻارن کي نقصان ٿيندو، پر اسان ڊرگ ٽيسٽنگ جي عمل کي باظابطا قانوني تحفظ فراهم ڪري رهيا آهيون.
ان سلسلي ۾ ”سنڌ پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليشن اينڊ ڪنٽرول آرڊيننس 2001“ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ۽ خانگي تعليمي ادارن جي 2005 جي رولز جي پيرا 20 ۾ اهم ترميمون ڪيون ويون آهن.
گهرو وزير موجب، منشيات جو سڀ کان وڏو نشانو 14 کان 18 ورهين جي عمر وارا ٻار بڻجي رهيا آهن، نئين نسل کي منشيات کان بچائڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ هنگامي بنيادن تي ڪم جي ضرورت آهي.
انمول عرف پنڪي ڪيس جو حوالو ڏيندي هن واضح ڪيو ته ڪوڪين ڊيلر انمول بابت ڪجهه ماڻهن چيو هو ته اها آزاد ٿي ويندي، پر مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ ڪو به نه بچندو. پنڪي هجي يا ڪو ٻيو، منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ سڀ گرفتار ڪيا ويندا.
ضياءُ الحسن لنجار اِها به دعويٰ ڪئي ته ڪراچي ايئرپورٽ تان ڪا به ڪوڪين ٻاهران نه پئي اچي، لاهور ۽ پشاور جي هوائي اڏن تي منشيات لهي رهي آهي جنهن کي روڪڻ گهرجي.

You might also like