نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) تامل سئنما جي ليجنڊري اداڪار ڪمل هاسن بالي ووڊ ۾ ڪاميابي باوجود هندي فلمن کان پاسيرو ٿيڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڀارتي فلم انڊسٽري سان واڳيل ڪمل هاسن 1974ع ۾ پنهنجي استاد ۽ مشهور هدايتڪار ڪي بالاچندر جي فلم ”آئينه“ ۾ مختصر ڪردار ذريعي هندي سئنما ۾ قدم رکيو، جڏهن ته کيس اصل شهرت 1981ع ۾ فلم ”ايڪ دوجي ڪي ليئي“ کان ملي، جيڪا ڪي بالاچندر جي تيلگو فلم ”مارو چرترا“ جو هندي ريميڪ هئي.
اداڪارا رتي اگني هوتري سان گڏ سندس اها رومانوي فلم تنقيدي ۽ تجارتي طور هٽ ثابت ٿي ۽ ڪمل هاسن جو ڳاڻيٽو بالي ووڊ جي نمايان اداڪارن ۾ ٿيڻ لڳو.
ان کانپوءِ هن ”صنم تيري قسم“، ”يه تو ڪمال هو گيا“، ”ذرا سي زندگي“ ۽ 1983ع ۾ سري ديوي سان گڏ فلم ”صدمه“ جهڙين يادگار فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جڏهن ته 1985ع کانپوءِ ڪمل هاسن اٽڪل هڪ ڏهاڪي تائين بالي ووڊ کان پري رهيو.
بعد ۾ هن 1997ع ۾ پنهنجي تامل فلم ”اووائي شنموگي“ جي هندي ريميڪ ”چاچي 420“ ذريعي واپسي ڪئي. جنهن کانپوءِ هو ”هئه رام“، ”اڀي“، ”ممبئي ايڪسپريس“، ”وشوروپ“ ۽ ”وشوروپ 2“ جهڙين فلمن ۾ به نظر آيو.
2017ع ۾ هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪمل هاسن ڊگهي عرصي تائين بالي ووڊ ۾ ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو جو ڪارڻ ٻڌايو هو.
هن چيو ته ان دور جون حالتون مختلف هيون، مان پاڻ کي هندي فلم انڊسٽري ۾ هڪ ڪمزور مائٽ جهڙو محسوس ڪندو هوس، مون کي پنهنجا ڪيترائي ڪم پاڻ ڪرڻا پوندا هئا، جڏهن ته اتان جا فنڪار آسودا هئا ۽ هڪ وقت ۾ 6-6 فلمون ڪري وٺندا هئا، مون کي اهو ماحول مايوس ڪندڙ محسوس ٿيو، جيڪو مون لاءِ انڊسٽريءَ کان پري ٿيڻ جو هڪ سبب بڻيو.
ڪمل هاسن انڪشاف ڪيو ته بالي ووڊ ۾ مبينا طور تي انڊر ورلڊ جي اثر رسوخ ۽ ڪاري ناڻي جي استعمال به مون کي ان صنعت کان پري رهڻ تي مجبور ڪيو.
هن چيو ته بالي ووڊ ۾ انڊر ورلڊ سان گهڻا لاڳاپا هئا، مان نه ان جي خلاف بيهڻ چاهيندو هوس ۽ نه ئي ان جي دٻاءَ اڳيان جهڪڻ چاهيان پيو، مان اهڙن اداڪارن ۾ شامل هوس جن فيصلو ڪيو ته اسان جو ڪاري ڌن سان ڪو به واسطو نه هوندو، مان اڄ به پنهنجي ان فيصلي تي مطمئن آهيان، منهنجي ڀاءُ ۽ مون گهڻو اڳ اهو عهد ڪيو هو ته اسان ڪڏهن به بلڪ مني استعمال نه ڪنداسين.