ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته رڪارڊ ڪمن جي ڪري عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو.
سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي کي 2013 کان وڌيڪ 2018 ۾ سيٽون مليون، ڏاڍي ڪوشش ڪئي وئي ته گذريل چونڊن ۾ پ پ کي شڪست ڏني وڃي.
هن چيو ته هر چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سيٽن ۾ واڌ ٿي آهي، ايندڙ چونڊن ۾ به پ پ پهريان کان وڌيڪ سيٽون کڻي ڪامياب ٿيندي.
ناصر حسين شاهه چيو ته عظيم پورا فلاءِ اوور 94 ڏينهن ۾ اڏيو ويو، ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ئي ترقياتي رٿائن تي ڪم جاري آهي، رڪارڊ ڪمن جي ڪري عوام پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏنو، عرصي کانپوءِ ملڪ کي ڪم ڪرڻ وارو وزيراعظم مليو آهي.
صوبائي وزير اهو به چيو ته بجيٽ ۾ ڪيتريون ئي اسڪيمون مڪمل ٿيڻ واريون آهن، هڪ هزار کان وڌيڪ اسڪيمون مڪمل ٿيون آهن، سنڌ ۾ بااختيار لوڪل گورنمينٽ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مڪاني ادارن به اسڪيمون مڪمل ڪيون آهن، پنجاب جي قانون ۾ بلدياتي ادارن وٽ اختيار نه آهن.