اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ڊيزل ۽ پيٽرول تي ليوي ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، ڊيزل تي ليوي ۾ 6 رپيا 57 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل تي ليوي وڌي 79 رپيا 54 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
پيٽرول تي ليوي ۾ 39 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان پيٽرول تي ليوي وڌي 66 رپيا 64 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
ان کان سواءِ گاسليٽ تي ليوي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي.
واضح رهي ته حڪومت ايندڙ هڪ هفتي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکيون آهن.
You might also like