ڪراچي(ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ پهرين جولاءِ کان چوماسي برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جي ترجمان موجب، ملڪ جي اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير کان چوماسي برساتون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، پهرين جولاءِ کان ملڪ جي اترئين حصي ۽ پنجاب جي اتر اوڀر واري حصي ۾ برسات ٿي سگهي ٿي.
ترجمان جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ في الحال چوماسي برساتن جو امڪان نظر نه پيو اچي ۽ سنڌ ۾ 5 جولاءِ تائين برسات جو ڪو به امڪان ناهي.
ترجمان چيو ته بنگالي نار ۾ ٺهندڙ گهٽ دٻاءُ ڪراچي سميت سنڌ ۾ مِينهُن وسائي سگهي ٿو، هن چوماسي ۾ سنڌ جي راڄڌاني سميت صوبي معمول کان گهٽ برسات ٿي سگهي ٿي.
چوماسي جي آمد جو اعلان، ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتن جي اڳڪٿي، سنڌ بابت به اپڊيٽ جاري
You might also like