آمريڪي سهڪار سان ڏکڻ لبنان جي ڪجهه علائقن جو ڪنٽرول لبناني فوج حوالي ڪيو ويندو: اسرائيلي عملدار

تل ابيب(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي عملدارن موجب آمريڪي سهڪار سان اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ هڪ آزمائشي منصوبي تي ڳالهيون جاري آهن، جنهن تحت ڏکڻ لبنان جي ڪجهه علائقن جو ڪنٽرول لبناني فوج حوالي ڪيو ويندو.

هنن چيو ته مقرر ٿيندڙ لبناني فوجين کي آمريڪا تربيت ڏيندو ۽ انهن جي جاچ ڪئي ويندي ته جيئن يقين ڪيو وڃي ته انهن جو حزب الله سان ڪو تعلق نه هجي.

اسرائيلي عملدارن موجب ان منصوبي باوجود اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي بفر زون ۾ موجود رهندي.

You might also like