تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي ڳالهين واري چيف محمد باقر قاليباف آذربائيجان ۾ او آءِ سي پارلياماني يونين جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت دٻاءُ يا جبر جو نتيجو ناهي.
هن چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ايراني قوم جي مزاحمت، ثابت قدمي ۽ طاقت جي علامت آهي ۽ اها آمريڪا جي شڪست جو اعلان بڻجي وئي آهي.
باقر قاليباف وڌيڪ چيو ته خطي جا ملڪ پنهنجي علائقائي سلامتي پاڻ يقيني بڻائين، ٻاهرين مداخلت کي رد ڪن، ۽ ايران پاڙيسري ملڪن سان خودمختياري جي احترام جي بنياد تي سهڪار لاءِ تيار آهي.