ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جي رياست مهاراشٽر ۾ شادي کان ڪجهه مهينا اڳ هڪ ڇوڪري پنهنجي منگيتر کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياست مهاراشٽر ۾ ڪيتن اگروال نالي هڪ نوجوان جي شادي کان ڪجهه مهينا اڳ موت ٿي وئي. سندس موت کانپوءِ سندس مڱيندي سيا گوئل پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ جذباتي اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته: ”تون منهنجي سالگراهه تي مون کي ڇڏي وئين، واپس اچي وڃ“.
شروعات ۾ ڪيتن اگروال جي موت کي هڪ حادثو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڀارتي پوليس جي جاچ دوران اهو انڪشاف ٿيو ته 18 جون تي سيا گوئل مبينا طور تي پنهنجي سالگراهه جي موقعي تي ڪيتن اگروال کي لوها گڙهه قلعي مان ڌڪو ڏئي اونهي کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏيو هو.
پوليس موجب سيا گوئل جو مبينا طور تي چيتن چوڌري نالي هڪ شخص سان لاڳاپو هو، جنهن سبب ٻنهي گڏجي ڪيتن اگروال کي رستي تان هٽائڻ لاءِ ڪيترن هفتن اڳ قتل جو منصوبو ٺاهيو هو.
پوليس قتل ڪرڻ ۽ حادثي جو ڊرامو رچائڻ جي الزام ۾ سيا ۽ چيتن ٻنهي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.