ايران جنگ دوران آبناءِ هرمز جي بندش سبب عالمي تيل جي سپلاءِ سخت دٻاءَ هيٺ رهي، پر تيل جا اگهه ماضي جي وڏن بحرانن وانگر غير معمولي حد تائين نه وڌيا. ماهرن موجب ان جو وڏو سبب چين جي حڪمتِ عملي هئي.
هڪ ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب چين سالن کان گڏ ڪيل پنهنجا وڏا تيل جا ذخيرا استعمال ڪيا ۽ خام تيل جي درآمدن ۾ لڳ ڀڳ 3 ملين بيرل روزانو گهٽتائي آندي.
هن قدم سان عالمي مارڪيٽ ۾ طلب گهٽ ٿي وئي ۽ قيمتن تي دٻاءُ محدود رهيو.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪيو ويو آهي ته چين وٽ 1 ارب کان وڌيڪ بيرل تيل جا ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ بجلي ۽ هائبرڊ گاڏين جي وڌندڙ استعمال پڻ تيل جي طلب ۾ نمايان گهٽتائي آندي آهي.
رپورٽ ۾ شامل ماهرن جي راءِ موجب جيڪڏهن مستقبل ۾ تيل جا اگهه وڌيڪ گهٽ ٿين ٿيون ته چين ٻيهر وڏي مقدار ۾ خريداري شروع ڪري سگهي ٿو، جنهن سان عالمي مارڪيٽ جو رخ تبديل ٿي سگهي ٿو.
تجزئي نگارن موجب هاڻي عالمي تيل مارڪيٽ رڳو رياض، ماسڪو يا واشنگٽن جي فيصلن سان متاثر نه ٿيندي آهي، پر بيجنگ جي خريداري ۽ ذخيرا اندوزي واري حڪمت عملي به اگهه مقرر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت لاءِ تيل جون گهٽ قيمتون عارضي رليف جو سبب بڻيون آهن، پر نئين دهلي کي پنهنجي تيل ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي.