نوابشاهه جِي بينڪ جي ٻن اڪائونٽن مان اربين رپين جي ٽرانزيڪشن

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ)نواب شاهه جي هڪ خانگي بئنڪ جي ٻن سيلري اڪائونٽن مان هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽرانزيڪشن تي ايف آءِ اي تحقيق شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي موجب اڪائونٽ هولڊر جي بدران ڪو ٻيو شخص اهي اڪائونٽ استعمال ڪري رهيو هو ۽ شڪي ٽرانزيڪشنز ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ 29 مئي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ٻنهي اڪائونٽ هولڊرن ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته اطلاع نه ڏيڻ تي چار بئنڪ ملازمن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي جاچ لاءِ ايف آءِ اي سکر آفيس طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like