ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ دوران پاڪستان جي مصالحتي ڪردار سبب معاشي بهتري جا امڪان روشن ٿيا آهن.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب ايران ۽ آمريڪا جي امن معاهدي ۾ اڳڀرائي سان پاڪستان جو عالمي تشخص بهتر ٿيو آهي.
نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته عالمي ساک بهتر ٿيڻ سبب پاڪستان کي معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جو به موقعو مليو آهي.
عالمي ميڊيا رپورٽ موجب پاڪستان وچ اوڀر جو وڏو حصو بڻجي وسيع معاشي ۽ دفاعي ڀائيواريون قائم ڪري سگهي ٿو.
نيوز ايجنسي موجب ايران تي پابندين ۾ نرمي سان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ وڏا واپاري موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا، جنهن سان ٻنهي ملڪن جا اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي اميد آهي.