تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي فوج جي اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۽ ريسرچ سينٽر جي سربراهه جنرل احمد رضا پوردستان چيو آهي ته ملڪ جي عسڪري حڪمتِ عملي روايتي دفاعي پاليسي کان تبديل ٿي هڪ جارحاڻي نظريي (Offensive Doctrine) ۾ داخل ٿي چڪي آهي.
ايراني خبر ايجنسي موجب جنرل پوردستان چيو ته نئين عسڪري نظريي تحت اڳواٽ ڪارروائين (Preemptive Operations) جي به گنجائش موجود آهي ۽ جيڪڏهن قومي مفاد ڳالهه آئي ته ايران اڻڄاتل محاذن تي ڪارروائي ڪري دشمن کي غير امڪاني طور تي حيران ڪري سگهي ٿو.
هن دعويٰ ڪئي ته ايران جي هٿياربند فوجن اڃا تائين پنهنجي سموري عسڪري صلاحيت استعمال ناهي ڪئي ۽ ملڪ وٽ وڌيڪ اهم دفاعي ۽ فوجي وسيلا موجود آهن.
جنرل پوردستان لبنان جي عوام جي دفاع لاءِ به ايران جي مڪمل تياري جو اظهار ڪيو آهي.
ماضي ۾ ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي دور ۾ ملڪ جي فوجي پاليسي کي ”اسٽريٽجڪ پيشنس” (Strategic Patience) چيو ويندو هو.
ماهرن موجب هن حڪمتِ عملي جو مقصد سڌي ٽڪراءَ کان پاسو ڪندي سوچ سمجھه سان ۽ محدود ردعمل ذريعي دشمن کي روڪڻ هو.
ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ تازو وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال کان پوءِ تهران پنهنجي حڪمتِ عملي ۾ تبديلي جو اشارو ڏنو آهي.
ايراني اختيارين موجب هاڻي ملڪ ”فعال ۽ غير معمولي دفاع” (Active and Unprecedented Deterrence) جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، جنهن تحت ايران خطي ۾ آمريڪي مفادن ۽ اسرائيل خلاف ڪارروائين جي صلاحيت جو اظهار ڪيو آهي.