اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته مختلف ملڪن خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي ۽ پاڪستان علائقائي امن لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو.
هفتيوار نيوز بريفنگ دوران هن چيو ته ايراني صدر گذريل ڏينهن پاڪستان جو هڪ ڏينهن وارو دورو ڪيو. مسعود پزشڪيان وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان آيو، جتي هن وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو.
ترجمان موجب 21 جون تي برگن اسٽاڪ ۾ ايران ۽ آمريڪا ڳالهين جو ٻيو دور ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ڪئي. ٻئي مرحلي لاءِ ٽي ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ ٺاهيا ويا آهن: پهريون گروپ نيوڪليئر پروگرام سان لاڳاپيل معاملن تي ڪم ڪري رهيو آهي، ٻيو پابندين ۽ منجمد اثاثن جو جائزو وٺي رهيو آهي، جڏهن ته ٽيون گروپ لبنان جي صورتحال تي ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ قطر جون ٽيڪنيڪل ٽيمون آمريڪا ۽ ايران جي ٽيمون سان رابطي ۾ رهنديون.
طاهر حسين اندرابي چيو ته ڪيترن ملڪن خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي آهي، ۽ پاڪستان عالمي برادري جي هن ساراهه کي ڀليڪار ڪري ٿو. هن چيو ته ٽياڪڙي ۽ امن ڪوششن ۾ پاڪستاني ميڊيا به ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 21 جون تي پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اسلام آباد ايم او يو ۽ برگن اسٽاڪ ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي عرب، اٽلي، ڪينيڊا، بحرين ۽ ايران سميت ڪيترن ئي پرڏيهي وزيرن سان رابطا ڪيا،
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته صوماليا جي سامونڊي ڪناري تي پاڪستانين کي يرغمال بڻايو ويو آهي، ۽ انهن جي بازيابي لاءِ صوماليا اختيارين سان رابطا جاري آهن. پاڪستان ايراني، آمريڪي ۽ برطانوي اختيارين سان به رابطي ۾ آهي ته جيئن ايراني شهرين جي محفوظ واپسي يقيني بڻائي سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڊينمارڪ جي گڏيل ڪوششن سان سلامتي ڪائونسل هڪ قرارداد منظور ڪئي آهي، جنهن جو مقصد امن دستن خلاف ڏوهن تي جوابدهي کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن قرارداد کي گڏيل قومن جي 153 ميمبر ملڪن جي حمايت حاصل ٿي. ان ۾ امن دستن تي حملن کي ناقابلِ قبول قرار ڏيندي ڪارائتي جاچ، مقدمن ۽ ڏوهارين جي احتساب جو مطالبو ڪيو ويو آهي. قرارداد تحت گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل سالياني رپورٽ پيش ڪندو ۽ هڪ سينئر فوڪل پوائنٽ به مقرر ڪيو ويندو. ترجمان موجب هي قرارداد امن مشنز جي سلامتي ۽ اثرائتيت وڌائڻ ۾ پاڪستان جي قيادت واري ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿي.