شهباز شريف ۽ فضل الرحمان جي ڳجهي ڪچهري، مولانا سان ڪيل ڳالهه قبر تائين کڻي ويندس پر ڪنهن کي ٻڌائيندس نه: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان اڪيلائي ۾ ڪهڙي ڳالهه ڪئي؟ نه وزيراعظم ان بابت ڪجهه ٻڌايو ۽ نه ئي مولانا فضل الرحمان ان جو ذڪر ڪيو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته مون اڪيلائي ۾ مولانا سان جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها قبر تائين پاڻ سان کڻي ويندس، پر ڪڏهن به ظاهر نه ڪندس.

ان تي مولانا فضل الرحمان جواب ڏيندي چيو ته مان وزيراعظم کي اجازت ڏيان ٿو ته اها ڳالهه ايوان ۾ ٻڌائي ڇڏين.

جنهن تي وزيراعظم چيو ته مان مولانا جي اها آڇ قبول نه ڪندس، ڇو ته ڳالهه حد کان وڌيڪ اڳتي ويندي.

You might also like