تھران(ويب ڊيسڪ)ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران تي مڙھيل ٻنهي جنگين دوران يورپي ملڪ غير مناسب موقف اختيار ڪيو ۽ يورپي ملڪ گذريل سالن ۾ پنهنجي پاليسين سبب پاڻ کي سفارتي عمل کان الڳ ڪري چڪا آهن.
اسماعيل بقائي چيو ته دنيا يورپي ملڪن جو اهو رويو ڏسي چڪي آهي ۽ اهو غير ذميواراڻو رويو يقيناً يورپي ڌرين جي ساک ۽ حيثيت ۾ واڌ نه ڪندو.
هن چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته هن جنگ جو اصل مقصد ايران جي تهذيب کي ختم ڪرڻ هو، پر هاڻي اهو مقصد بدلجي منجمد ايراني اثاثن ذريعي آمريڪي هارين کي مالي فائدو پهچائڻ ۾ تبديل ٿي ويو آهي ۽ ايران جو ردعمل انسان جي ثابت قدمي جي ڪهاڻي آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته گڏيل طور تي اسان کي انهن فنڊز جي استعمال بابت ڪنهن به قسم جي پابندي سان منھن نٿو ڏسڻو پوي، ۽ اسان جا اثاثا مڪمل آزادي سان استعمال ڪيا ويندا.
اسماعيل بقائي اهو به چيو ته سوئٽزرلينڊ ۾ ايراني وفد آءِ اي اي اي جي سربراهه گروسي سان ملاقات نه ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران وٽ ناقابل ترديد ثبوت آهن ته خطي جي ڪجهه ملڪن اسرائيل سان جنگ ۾ حصو ورتو، ۽ انهن ملڪن کي قانوني نتيجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته ان حوالي سان جيڪو به ضروري قدم هوندو، اهو کنيو ويندو.