ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي لاءِ الڳ ٽيمون هونديون: عاقب جاويد جو وڏو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ هر فارميٽ جي ٽيم ڌار ڪرڻ جي طرف پهريون قدم آهي، هي اڃا شروعات آهي، هر فارميٽ جي ٽيم الڳ ٿي سگهي ٿي.
لاهور ۾ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو آهي ته توهان کي فوري طور تي ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ٽيمن کي ته الڳ الڳ ڪرڻو ئي پوندو، ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ گڏ نٿا هلي سگهن.
هن چيو ته فارميٽ جي بنياد تي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه رانديگرن سان زيادتي ٿي ويندي هئي، رڳو ٽيسٽ کيڏندڙ ڪرڪيٽرز جي ڀيٽ ٽي ٽوئنٽي کيڏندڙن سان ڪئي ويندي هئي، هاڻي جيڪڏهن ڪو رڳو ٽيسٽ کيڏي ٿو ته ان جو مقابلو ٽيسٽ کيڏندڙ سان ٿيندو ۽ ان بنياد تي معاوضو ملندو.
عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي پهرئين درجي ۾ 40 لک رپيا ماهوار ملندا، جڏهن ته گهٽ پرفارمنس وارن کي 30 کان 35 لک رپيا ملندا، ٽيسٽ ۽ ون ڊي جي ڪيٽيگري ۽ پوءِ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي وارن کي به پرفارمنس جي بنياد تي درجا بندي تحت معاوضو ملندو.
عاقب جاويد چيو آهي ته 6 فرسٽ ڪلاس ميچون کيڏندڙ ٽيسٽ ڪيٽيگري جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اهل هوندو، ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪيٽيگري لاءِ 4 فرسٽ ۽ 4 لسٽ-اي ميچون لازمي هونديون، ٽيسٽ ڪرڪيٽرن کي اين او سي ٻاهرين ملڪ 4 ڏينهن جي مقابلن لاءِ ملندي.
سندس چوڻ هو ته ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪيٽيگري وارن کي هڪ فرنچائز اين او سي ملي سگهي ٿو، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪيٽيگري وارن کي 2 لسٽ-اي ميچون ۽ 10 ٽي ٽوئنٽي کيڏڻيون پونديون، جڏهن ته کين 2 اين او سي ملندا، رڳو ٽي ٽوئنٽي وارن لاءِ ڊوميسٽڪ ٽي ٽوئنٽي کيڏڻ لازمي هوندي، ان کان سواءِ فرنچائز ڪرڪيٽ کيڏي سگهن ٿا، ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪيٽيگري جا پئسا 48 لک تائين ويندا.
هن چيو آهي ته ڪوشش اها آهي ته ٽنهي فارميٽس تي هڪجهڙو فوڪس نه هجي پر توهان جنهن ڪيٽيگري ۾ آهيو ان تي ئي ڌيان ڏنو وڃي، اسان رانديگرن کي مجبور ڪنداسين ته جيڪو توهان جو فارميٽ آهي ان تي رهو، جيڪي رانديگر ٽيسٽ جا آهن اهي ٽيسٽ کي ڏسن، ٽيسٽ ۾ اسان جو برو حال آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته توهان ٽن چئن سالن کان ٽي ٽوئنٽي کيڏندا رهو ۽ اوچتو ٽيسٽ ۾ اچي وڃو، مڃڻو پوندو ته توهان ٽيسٽ ۾ 25 اوورز نٿا ڪري سگهو.
عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته سڀ کان اهم ڊي-ڪيٽيگري هوندي، جنهن تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو، ڊي-ڪيٽيگري ۾ 16 کان 20 رانديگر هوندا، شروع کان انهن کي فارميٽ مطابق کڻي هلنداسين.
ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس چيو ته ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ تبديليون ته ڪرڻيون پونديون، هاڻي ايشيا ڪپ جي ٽيم سڀني جي سامهون آهي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو مقصد ئي ڪميٽمينٽ آهي، ڪميٽمينٽ اها آهي ته توهان انٽرنيشنل کيڏندا ۽ گڏوگڏ ڊوميسٽڪ به، جيڪڏهن توهان فارميٽ موجب فرسٽ ڪلاس نٿا کيڏو ته ڪانٽريڪٽ نه ملندو ۽ اهو هولڊ تي هليو ويندو.
هن اهو به چيو ته اهي ڪيٽيگريز سيلري جي لحاظ کان آهن ۽ ٻڌائڻو آهي ته توهان ان تي فوڪس ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ڪنهن به فارميٽ ۾ ڪنهن پليئر جي ضرورت پوي ته هو اچي کيڏي سگهي ٿو.

 

You might also like