چاچو صدمي ۾ آهي، هن جي ذهني ۽ جسماني صحت ٺيڪ ناهي: ڊونلڊ ٽرمپ جي ڀائٽي ميري ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جي ڀائٽي ميري ٽرمپ پنهنجي چاچي ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ صحت بابت دعويٰ ڪندي چيو آهي ته سندس ڪِرندڙ صحت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ميري ٽرمپ پنهنجي هفتيوار نيوز ليٽر ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي صحت بابت ڪيل اڳڪٿين بابت لکيو ته ”آمريڪي صدر جي صحت ذهني ۽ جسماني طور تي خراب ٿي رهي آهي.“
ميري ٽرمپ، ڊونلڊ ٽرمپ جي غير معمولي رويي ۽ رات جو دير تائين سوشل ميڊيا پوسٽن جو حوالو ڏيندي لکيو ته ”هو هاڻي به منطقي نظر اچي سگهي ٿو پر نفسياتي طور تي هو پستي ڏانهن وڃي رهيو آهي.“
ميري ٽرمپ موجب، ”ڊونلڊ ٽرمپ هن وقت مسلسل پنهنجي تڪبر جي چيڀاٽجڻ جهڙي صدمي مان گذري رهيو آهي ۽ کيس ذلت کان وڌيڪ ڪا شيءِ خوفزده نٿي ڪري.“
ٻئي پاسي وائيٽ هائوس ميري ٽرمپ جي آمريڪي صدر جي صحت بابت دعويٰ رد ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like