ايراني صدر مسعود پزشڪيان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي.
ايراني صدر جي جهاز اسلام آباد جي نور خان ايئر بيس تي لينڊ ڪيو، جتي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، محسن نقوي، عطا تارڙ، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري سندس آڌرڀاءُ ڪيو.
پاڪستان پهچڻ تي روايتي لباس ۾ ملبوس ٻارن ايراني صدر کي گل پيش ڪيا.
ان موقعي تي ايراني صدر کي توپن جي سلامي ڏني وئي، جڏهن ته پاڪ فضائيه جي جهازن به معزز مهمان کي فضائي سلامي پيش ڪئي.
ايراني صدر جنهن جهاز ذريعي پاڪستان پهتو، ان جو نالو ”ميناب“ رکيو ويو آهي، جيڪو ايران ۾ اسڪول حملي ۾ شهيد ٿيل ٻارن جي ياد سان منسوب آهي.
ايراني اختيارين موجب، دوري جو مقصد آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.

 

You might also like