ڏهاڙي دار پورهيت موٽر سائيڪل سوارن ۽ هارين لاءِ پيٽرول سبسڊي ختم:اشرافيا لاءِ مراعتون برقرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ع آ نيوز) حڪومت تيل اگهه گهٽائڻ کان پوءِ هڪ طرف غريب پورهيتن، ڏهاڙي دارن موٽر سائيڪل سوارن ۽ هارين لاءِ ڏنل پيٽرول سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي ٻئي طرف اشرافيا لاءِ مقرر سبسڊي ۽ ٻيون مراعاتون اڃا تائين برقرار آهن. سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻارڻ جي سبسڊي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو. اعلان موجب، اجلاس ۾ موٽرسائيڪل سوارن ۽ ننڍن هارين کي ڏنل ٻارڻ جي سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اعلان موجب، حڪومت عوامي ٽرانسپورٽ ۽ مال بردار ٽرانسپورٽ کي ڏنل ٻارڻ جي سبسڊي ختم ڪرڻ جو به فيصلو  ڪيو آهي. ختم ٿيل ٻارڻ جي سبسڊي چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڏني پئي وڃي. اعلان موجب، عالمي سطح تي ٻارڻ جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جنهن جو فائدو اڳ ئي صارفين تائين پهچايو ويو آهي. جنهن سبب هاڻ اهي رعايتون نه ملنديون. اعلان موجب، قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري سان سبسڊي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٻارڻ جي سبسڊي تحت، موٽرسائيڪلن، رڪشائن ۽ 800 سي سي گاڏين کي 50 کان 100 رپيا في ليٽر جي سبسڊي ملندي هئي. ننڍن هارين کي ڊيزل تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي ملندي هئي. ٻئي طرف اشرافيا لاءِ مراعاتون برقرار آهن، ڪن کي مفت پيٽرول، بجلي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سرڪاري ۽ سامان جي ٽرانسپورٽ آپريٽرن کي ڪرائي گهٽ رکڻ لاءِ 70,000 کان 100,000 رپين تائين ماهوار سبسڊي ملندي هئي، جڏهن ته ننڍن هارين کي ڊيزل تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي ملندي هئي.

 

You might also like