لنڊن (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ماءُ بڻجڻ کانپوءِ وومين ڪرڪيٽرز جي ٻيهر ميدان ۾ واپسي کي سولو بڻائڻ لاءِ نيون هدايتون (گائيڊ لائينز) جاري ڪري ڇڏيون آهن.
تازيون هدايتون انگلينڊ ۾ جاري عورتن جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران متعارف ڪرايون ويون، جن جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته عورت رانديگرياڻين کي پنهنجي راند ۽ ماءُ بڻجڻ جي ذميوارين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.
آءِ سي سي موجب، ”ريٽرن ٽو پلي پوسٽ پريگننسي گائيڊ لائينز“ بورڊز، ڪوچز ۽ ميڊيڪل اسٽاف لاءِ هڪ عملي فريم ورڪ فراهم ڪن ٿيون، جنهن ذريعي ٻار جي پيدائش کانپوءِ رانديگرياڻين جي محفوظ ۽ منظم واپسي ممڪن بڻائي سگهجي ٿي.
آءِ سي سي ميڊيڪل ايڊوائزري ڪميٽي جي ميمبر ۽ گائيڊ لائينز تيار ڪندڙ ٽيم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فليپا انجي چيو ته ان جو مقصد اهو واضح ڪرڻ آهي ته ماءُ بڻجڻ ڪنهن به پليئر جي ڪيريئر جو خاتمو ناهي ۽ مناسب سپورٽ ذريعي وومين ڪرڪيٽر ٻيهر اعليٰ سطح تي کيڏي سگهن ٿيون.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هدايتون ڇهن نڪتن تي آڌاريل آهن، جن ۾ تياري، جائزو، بحالي، ٻيهر ٽريننگ، واپسي ۽ بهتر بڻائڻ جا مرحلا شامل آهن.
ان کان سواءِ راند وارن وينيوز تي ٻارن جي سنڀال، کير پيارڻ لاءِ سهولتون، نرم ٽريننگ ۽ سفر ۾ مدد جهڙيون تجويزون پڻ شامل ڪيون ويون آهن.
ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽر افي فليچر، جنهن 2021 ۾ پٽ کي جنم ڏنو هو، هن قدم کي وومينز ڪرڪيٽ لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته ”جسماني بحالي ڏُکيو مرحلو آهي ۽ رانديگرياڻين کي مضبوط سپورٽ سسٽم جي ضرورت هوندي آهي.“
ياد رهي ته گذريل ورهين دوران ڪيئي عورت رانديگرياڻين ماءُ بڻجڻ کانپوءِ ٻيهر عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪئي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي آءِ سي سي اها نئين حڪمت عملي تيار ڪئي آهي.