برسٽول (ويب ڊيس) سريلنڪا وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چماري اٿاپٿو ويسٽ انڊيز خلاف شڪست کانپوءِ مايوسي جو اظهار ڪندي پاڻ کي هڪ ناڪام ڪپتان قرار ڏئي ڇڏيو.
برسٽول ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم رڳو 98 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن جي جواب ۾ ويسٽ انڊيز پنج وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
هن شڪست کانپوءِ گروپ 2 مان سريلنڪا جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان گهٽجي ويا آهن.
پنهنجو ڏهون ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏندڙ چماري اٿاپٿو شڪست کانپوءِ چيو ته هي اهڙو ڏک آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته ” مون 18 سالن تائين قومي ٽيم جي نمائندگي ڪئي آهي، پر مان ڪڏهن به پنهنجي ٽيم کي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل تائين نه پهچائي سگهي آهيان، مان سمجهان ٿي ته مان ڪپتان طور ناڪام رهي آهيان، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به رانديگر لاءِ اهو وڏو ڏک هوندو آهي.“
چماري اٿاپٿو اعتراف ڪيو ته کيس وڌيڪ ذميواري سان کيڏڻ گهرجي ها.
هن چيو ته ” مون پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي، پر جيڪڏهن مان وڌيڪ ذميواري سان کيڏان ها ته شايد اسان ميچ کٽي سگهون پيا، مان ڪنهن ٻئي تي الزام نٿي هڻڻ چاهيان، هڪ رانديگر، ڪپتان ۽ تجربيڪار ميمبر طور مون تي وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.“
هن وڌيڪ چيو ته کيس لڳي ٿو ته شايد هن پنهنجو آخري موقعو وڃائي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته 36 ورهين جي چماري اٿاپٿو کان جڏهن 2028ع ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته في الحال هوءَ ان بابت ڪجهه نٿي چئي سگهي.
سندس چوڻ هو ته ” منهنجي عمر 36 سال آهي، ان ڪري مستقبل جو فيصلو منهنجي فٽنيس ۽ ڪارڪردگي کي ڏسي ڪيو ويندو، مان پنهنجي فٽنيس ۽ صلاحيتن کي اعليٰ سطح تي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان، جيڪڏهن ٽيم کي منهنجي ضرورت پئي ته ضرور کيڏنديس.“
ياد رهي ته سريلنڪا پنهنجي گروپ مرحلي جون باقي ميچون آئرلينڊ خلاف 23 جون ۽ اسڪاٽلينڊ خلاف 26 جون تي کيڏندي.
You might also like