دوحا (ويب ڊيسڪ): قطر جي راس لفان ايل اين جي ڪمپليڪس ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 66 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن ۾ پاڪستاني ۽ ڀارتي شهري پڻ شامل آهن.
قطر جي توانائي واري وزارت موجب، هي ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن مارچ ۾ ايراني حملي کانپوءِ بند ڪيل پلانٽ کي ٻيهر فعال ڪيو پئي ويو.
وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پلانٽ جي برآمدي صلاحيت متاثر نه ٿي آهي ۽ نه ئي ماحول کي ڪو خطرو لاحق ٿيو آهي.
قطر جي توانائي واري وزير سعد شريذه الڪعبي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اهڙو اعلان ڪرڻو پيو جيڪو هو ڪڏهن به نه ڪرڻ چاهيندو هو. سندس مطابق 13 ڄڻا فوت ٿيا آهن، جن جو تعلق ڀارت ۽ پاڪستان سان آهي، جڏهن ته 66 زخمين جو علاج جاري آهي.
اختيارين موجب، هن وقت تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته ڌماڪو پلانٽ جي ڪهڙي حصي ۾ ٿيو، جڏهن ته واقعي جي باضابطه جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
رپورٽن مطابق ڌماڪي جي شدت ايتري وڌيڪ هئي جو ان جا جهٽڪا مرڪزي دوحا تائين محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته راس لفان کان 70 ڪلوميٽر پري رهائشي علائقن ۾ به دريون لڏي ويون.