لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) ايراني فٽبال ٽيم لاس اينجلس ۾ بئلجيم خلاف ميچ کانپوءِ اسٽيڊيم جي لاڪر روم ۾ هٿ سان لکيل هڪ پيغام ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هنن ايران جي سڃاڻپ، وقار ۽ عالمي امن جي پيغام کي اجاگر ڪيو آهي.
رپورٽن موجب، ورلڊ ڪپ ۾ ايران جون ميچون آمريڪي ۾ شيڊيول آهن، جڏهن ته ٽيم جو بيس ڪئمپ ميڪسيڪو ۾ قائم آهي.
ايران نيوزيلينڊ کانپوءِ بئلجيم خلاف به پنهنجو گروپ ميچ لاس اينجلس ۾ کيڏي، جنهن کانپوءِ لاڪر روم ۾ اهو پيغام ڇڏيو ويو.
ايراني ٽيم پنهنجي پيغام ۾ لکيو آهي ته ”هزارين سال پراڻي فارس کان وٺي اڄ جي مهذب ايران تائين، ايران جي روح زنده ۽ ثابت قدم آهي، اسان فخر سان لاس اينجلس آياسين، عزت ۽ وقار سان مقابلو ڪيو ۽ اوچي ڳاٽ سان هتان روانا ٿي رهيا آهيون، لاس اينجلس، توهان جي مهمان نوازي جي مهرباني.“
ايراني ٽيم پنهنجي مداحن جا ٿرا پڻ مڃيا ۽ مختلف قومن وچ ۾ امن، گڏيل احترام ۽ دوستي کي هٿي ڏيڻ جي اپيل ڪئي.
پيغام ۾ ”#168“ ۽ “#Minab” جا لفظ به شامل هئا
ياد رهي ته هلندڙ 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان شروع ڪيل حملن جي پهرئين ڏينهن ڏکڻ ايران جي شهر مناب ۾ قائم ”شجره طيبه گرلز اسڪول“ کي نشانو بڻايو ويو هو، جنهن ۾ 168 کان وڌيڪ شاگردياڻيون ۽ استاد شهيد ٿيا هئا،