2030 تائين ھٿرادو ڏاھپ انسانن کان گوءِ کڻي ويندي! ايلون مسڪ جي اڳڪٿي

ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ ايڪس (ٽوئٽر) جي مالڪ ايلون مسڪ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ھٿرادو ڏاھپ يعني آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) ٽيڪنالاجي تمام جلد گڏيل انساني ڏاھپ کي پوئتي ڇڏي ڏيندي.

ايڪس تي هڪ واھپيدار جي پوسٽن تي جواب ڏيندي ايلون مسڪ چيو ته ايندڙ 4 کان 5 سالن دوران AI ٽيڪنالاجي انساني ڏاھپ کان اڳتي نڪري ويندي.

هن چيو ته AI ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان ٿيندڙ ترقي جي نتيجي ۾ هي نئين ٽيڪنالاجي جلد ئي انساني ذهني صلاحيتن کي پوئتي ڇڏي ڏيندي.

هن اهو به چيو ته AI ٽيڪنالاجي انساني تاريخ کي بدلائيندڙ سڀ کان اهم ٽيڪنالاجين مان هڪ آهي.

ايلون مسڪ اهو خيال به ظاهر ڪيو ته جديد ٽيڪنالاجي سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.

هن جو چوڻ هو ته AI تي ٻڌل مشينون تخليقي صلاحيتن ۾ واڌارو آڻينديون، شين جي پيداوار سولائي سان ٿي ويندي ۽ خدمتون سستيون ۽ هر هنڌ سولائي سان موجود ٿي وينديون.

ايلون مسڪ موجب انسان جهڙا روبوٽ ۽ ذهين مشينون جلد ئي اهڙا ڪم ڪري سگهنديون جيڪي هن وقت انسان ڪن ٿا.

هن چيو ته مختلف صنعتن ۾ AI تي ڀاڙڻ وڌي ويندو، خرچ گهٽ ٿيندو ۽ ڪارڪردگي وڌي ويندي.

ان کان اڳ جنوري 2026 ۾ ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ خطاب دوران ايلون مسڪ چيو هو ته ”مون کي خبر ناهي ته 10 سالن ۾ ڇا ٿيندو، پر جنهن رفتار سان AI اڳتي وڌي رهي آهي، منهنجي خيال ۾ هن سال جي آخر تائين AI ڪنهن به انسان کان وڌيڪ ذهين ٿي ويندي“.

هن وڌيڪ چيو ته ”ممڪن آهي ته 2030 يا 2031 يعني ايندڙ 5 سالن اندر AI سڀني انسانن کان وڌيڪ ذهين ٿي وڃي“.

هن چيو ته AI ۽ روبوٽڪس سان معيشت ۾ غير معمولي واڌ ٿيندي ۽ انسانن جهڙا روبوٽ جلد ئي روزاني جي زندگي جو حصو بڻجي ويندا.

ايلون مسڪ موجب جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ رهيو ته ايندڙ سال جي آخر تائين عام ماڻهن لاءِ انسان جهڙا روبوٽ وڪرو لاءِ موجود هوندا ۽ ڪيترائي روبوٽ AI جي مدد سان انساني ضرورتون پوريون ڪندا.

حقيقت ۾ هن اڳڪٿي ڪئي ته هڪ وقت اهڙو به ايندو جڏهن دنيا ۾ روبوٽس انسانن کان به وڌيڪ هوندا.

هن جي مطابق روبوٽس جي ڪري انساني ضرورتن جي طلب گهٽجي ويندي ۽ روبوٽس کي اختيار ڪرڻ دنيا جي هر ماڻهو لاءِ لازمي بڻجي ويندو.

You might also like