ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ وومين اسپورٽس فورم طرفان نياڻين جي همت افزائي لاءِ ڪوٺايل وومين واريئرز فٽسال ليگ 2026 ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي، جنهن ۾ دِيا فٽبال اڪيڊمي ٽورنامينٽ جي فاتح رهي.
برج اسپورٽس ارينا، قيوم آباد ۾ ٿيل ايونٽ وومين اسپورٽس فورم ۽ چارٽر فار ڪمپيشن جي گڏيل سهڪار سان ورونهه پيرزادو جي اڳواڻي هيٺ ڪرايو ويو، جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن مان ڇهن ٽيمن حصو ورتو. مقابلي دوران رانديگرياڻين بهترين راند ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو.
تقريب ۾ چارٽر فار ڪمپيشن جي پروگرام مئنيجر سمرين عارف ۽ ديا فٽبال اڪيڊمي جي هيڊ ڪوچ ڊاڪٽر سعديه شيخ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
سخت ۽ دلچسپ مقابلن کانپوءِ ديا فٽبال اڪيڊمي ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، جڏهن ته لياري فٽبال اڪيڊمي رنر اپ رهي. عمره ۽ حرمين کي شاندار ڪارڪردگي تي انفرادي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا.
آخر ۾ ڪامياب ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ ٽرافيون، ميڊلز ۽ اعزازي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.
اڳواڻن عورتن جي فٽبال جي واڌاري ۽ نوجوان نياڻين کي راندين ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ اهڙين سرگرمين کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.