عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ ڀارتي وڪيٽ ڪيپرگڏيل عرب امارتن جي ٽيم ۾ شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڪجهه ڏينهن اڳ ئي انٽرنيشل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺندڙ اڳوڻي ڀارتي ٽيسٽ وڪيٽ ڪيپر ڪي ايس ڀرت کي گڏيل عرب امارتن (يو اَي اِي ) جي ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ جي ٽيم ”اسٽالينز“ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اِها اڳڀرائي ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن هن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي بين الاقوامي ڪرڪيٽ کي الوداع چوڻ جو اعلان ڪيو هو.
ڪي ايس ڀرت 2023 کان 2024 جي وچ ڌاران ڀارت طرفان 7 ٽيسٽ ميچون کيڏيون، جن ۾ هو گهڻو ڪري رشڀ پنت جي غير موجودگيءَ ۾ ٽيم جو حصو رهيو.
هن انهن 7 ميچن ۾ 20.09 جي ايوريج سان 221 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سندس سڀ کان وڏو اسڪور 44 رنسون رهيو، کيس فيبروري 2024 کانپوءِ قومي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويو هو.
ڪي ايس ڀرت پنهنجي رٽائرمينٽ جي اعلان ڪندي چيو هو ته ڀارت جي نمائندگي ڪرڻ سندس زندگيءَ جو ”سڀ کان وڏو اعزاز“ رهيو آهي.
پر هاڻ رٽائرمينٽ کان ترت پوءِ کيس يو اي اي ۾ ٿيندڙ ”ٽو ڊي چيمپئن شپ“ لاءِ ٽيم اسٽالينز ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ علائقي جا بهترين رانديگر حصو وٺي رهيا آهن.
هن ٽورنامنٽ جو مقصد ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ لاءِ رانديگرن جي مهارت ۽ سوچ کي بهتر بڻائڻ آهي.
هر ميچ ٻن ڏينهن تي ٻڌل هوندي، جنهن ۾ روزانو 80 اوورز ڪرايا ويندا، جڏهن ته فتح، 10 وڪيٽن تان ڪاميابي يا اننگز جي سرسي تي پوائنٽس ڏنيون وينديون.
ٽورنامنٽ 19 جون کان شروع ٿي چڪي آهي ۽ ان ۾ ڪُل 7 ميچون کيڏيون وينديون، جڏهن ته فائنل 4 جولاءِ تي ٿيندو.
ڪي ايس ڀرت هن ٽورنامنٽ ۾ وڪيٽ ڪيپر طور خدمتون سرانجام ڏيندو.

 

You might also like