تهران/واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، پاڪستان ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل پهرين رائونڊ کانپوءِ هاڻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.
سوئس پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ طئي ٿيل روڊ ميپ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهين جي فوري بحالي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو آهي.