ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلوچستان جي سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واءِ سي) جي اڳواڻ صبغت الله شاهه کي گوادر ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار جي قتل واري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
ڪوئيٽا ون جي جج محمد علي مبين سومر ڏينهن ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
فيصلي جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، ٻين گرفتار اڳواڻن ۽ سندن وڪيلن عدالت جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، ڪارڪن 12 جون کان ضلعي جيل هدا ٻاهران ڌرڻي تي ويٺل آهن.
ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي وڪيل اسرار جتڪ موجب، عدالت سرڪاري طور مقرر ڪيل وڪيلن ذريعي ڪارروائي مڪمل ڪئي، جنهن کي جوابدارن شروعات کان ئي رد ڪيو هو.
ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي ڀيڻ ناديه بلوچ فيصلي کي رد ڪندي ان کي ”فيس ليس عدالت“ جو فيصلو قرار ڏنو آهي.
سندس چوڻ آهي ته جن ماڻهن تي سيڪيورٽي اهلڪار جي قتل جو سڌو الزام هو، انهن کي اڳ ئي بري ڪيو ويو، جڏهن ته تقريرون ڪندڙن کي سزا ٻڌائي وئي آهي.
واضح رهي ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ صبغت الله شاهه خلاف هي ڪيس 2024ع ۾ گوادر ۾ ٿيل ”بلوچ راجي مچي“ دوران هڪ سيڪيورٽي اهلڪار جي قتل کانپوءِ داخل ڪيو ويو هو.
28 جولاءِ 2024ع تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو احتجاج ميرين ڊرائيو تي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويو هو، جنهن دوران ڪارڪنن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون هيون.
ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ کي گوادر واري ڪيس کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ڪيسن کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سندس خلاف سرياب ٿاڻي جي حدن ۾ ٽن ڄڻن جي قتل جو ڪيس پڻ داخل آهي.
پوليس موجب اهي ماڻهو ڪميٽي جي مظاهرين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا هئا.
ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ڪير آهي؟
ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ بلوچستان ۾ مبينا طور کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ اهم سماجي اڳواڻ آهي.
هن پنهنجي والد جي گمشدگي ۽ بعد ۾ تشدد ٿيل لاش ملڻ کانپوءِ هن تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو.
سال 2023ع جي آخر ۾ هن اسلام آباد تائين لڳ ڀڳ هڪ هزار ميل ڊگهو لانگ مارچ ڪيو هو.
کيس بي بي سي جي 100 بااثر عورتن جي فهرست ۽ ٽائم 100 نيڪسٽ لسٽ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو هو.
You might also like